دڙو(ن پ ا) دڙي ۾ 4 ورهين جو معصوم نينگر مهتاب چوهاڻ گرم پاڻي جي ديڳڙي ۾ ڪري فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ وارڊ 5 جي رهواسي نظير احمد چوهاڻ جو  4 ورهين جو پٽ معصوم پٽ مهتاب پنهنجي گهر ۾ گرم پاڻي جي ديڳڙي ۾ ڪري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جيڪو زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ سندس ماءُ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا.