نوري آباد(ن پ ا) ضلعي ڄامشورو ۽ ٺٽي  جي ڪوھستاني پٽي ۾ ٻيھر چوپائي مال ۾ وڇرندڙ بيماريون ڦھلجڻ ڪري چوپايو مال مرڻ لڳو آهي، ڀاڳين کي مٿي تي ھٿ اچي ويا، ڪوهستان جي شھرن ڪلو کوهر جهمپير جي جانورن واري اسپتال کي تالا  لڳل، مالوند ماڻھن جو احتجاج، بند ٿيل جانورن جي اسپتال فعال ڪري وٽنري عملي کي حاضر رکي سندن جانورن جو علاج ڪري کين نقصان کان بچائڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي. ان ڏس ۾ يوسي جھمپير يوسي موندر خان يوسي ڌماچ جي مختلف ڳوٺن ڳوٺن وڪيو جاکرو سائڏنو جاکرو  جي رھواسي مالوند ماڻھن ڪانڊيرو جاکرو لقمان جاکرو انور ڪوهستاني اسماعليل جاکرو يارو پالاري  ۽ ٻين صحافين آڏو  دانھيندي چيو آھي تہ يوسي جھمپير جي مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال ۾ وچرندڙ بيماريون ڦھلجڻ ڪري سندن مال مرڻ لڳو آھي، ھنن چيو تہ جھمپير شھر ۾ قائم جانورن جي اسپتال ڪافي وقت کان بند ھجڻ ڪري ڊاڪٽر ۽ عملو گھر ويٺي پگھارون کڻي رھيو آھي، جنھن ڪري سندن جانورن جو ڪوبہ علاج ڪرڻ وارو ناھي، جنھن ڪري سندن چوپايو مال مرڻ ڪري کين وڏو نقصان پھچي رھيو آھي، ڪافي دانھون ڪرڻ باوجود سندن دانھون ڪير بہ ٻڌڻ وارو ناھي.