دوداپور (ن پ ا) محمدپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ کبڙ دستي ۾ مولا بخش دستي ۽ مستوئي دستي جي ڌرين ۾ ٻنيءَ مٿان مٽي رکڻ جي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙي لڳڻ سبب لکمير دستي، محمد بخش دستي، شوڪت دستي، حامد دستي، رحيم  خان دستي، عيدن دستي، عبدالمالڪ دستي، پيرل دستي ۽ هڪ عورت سميت ٻنهي ڌرين جا 14 ماڻھو زخمي ٿي پيا،علائقي واسين پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏئي جهيڙو ٽاري زخمين کي ٿاڻي تي پهچايو، جن کي پوليس ليٽر ڏيئي اسپتال اماڻيو،پوليس موجب ڌريون پاڻ ۾ سئوٽ آھن، ٻنيءَ تي مٽي رکڻ جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو.