ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري ۾ 8 سالن جي معصوم ٻارڙي بسمه ميتلو پاڻي جي کڏ ۾ ڪرڻ سبب فوت ٿي وئي لاش گھر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ڳوٺ احمد ميتلو ۾ عبدالرزاق ميتلو جي 8 ورهين جي معصوم ڌيءَ بسمه ميتلو راند ڪندي پاڻي جي کڏ ۾  ڪرڻ سبب ٻڏي وئي، وارثن ٻارڙي کي پاڻيءَ مان ڪڍي ڏوڪري اسپتال پهچايو. جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي پڻ تصديق ڪئي. لاش گهر پهچڻ تي امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا. هوڏانهن عبدالرزاق ميتلو ميڊيا کي ٻڌايو ته ڌيءَ راند کيڏندي گهر ٻاهران پاڻيءَ جي کڏ ۾ پير ترڪڻ سبب ڪري پئي.