نوان جتوئي (ن پ ا) نوان جتوئي جي ڳوٺ قاسم پنهور ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي عمارت تازين برساتن بعد زبون حال ٿي وئي آهي، جنهن ڪري ٻارڙا پٽ تي ويهي پڙهڻ تي مجبور آهن، ان ڏس ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ استادن اسڪول جي عمارت جي مرمت نه ڪرائڻ ۽  فرنيچر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته عمارت زبون هجڻ سبب هر وقت ساهه مٺ ۾ رهي ٿو، هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول جي عارت جي مرمت ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.