مقصودو رند (ن پ ا) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ويجھي ساٿي ڪامريڊ رئيس بروهي جي 31 ورسي ملھائي وئي، تقريب ۾ ڪامريڊ جي پٽ ادريس بروھي، ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي، احمد نواز انقلابي، محبوب جتوئي، ولي محمد، عبدالقادر عرف پپو ميمڻ، طالب جکرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اڳواڻن چيو ته ڪامريڊ رئيس بروهي ھڪ انمول ڪردار ھو، جنھن سڄي زندگي غريب ھارين جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي.