گھوٽڪي (رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزير سردار خان گھوٽو جي ٽيجھي جي موقعي تي گھوٽا برادريءَ پاران مرحوم جي پٽ علي نواز خان گھوٽو کي پڳ ٻڌرائي وئي. تفصيل موجب اڳوڻي صوبائي وزير محمد سردار خان گھوٽو جو ٽيجھو گهوٽڪيءَ ويجهو ڳوٺ سردار خان گھوٽو ۾ ٿي گذريو. ان موقعي تي مرحوم جي وڏي پٽ علي نواز خان گھوٽو کي برادريءَ جي سربراهيءَ جي پڳ ٻڌرائي وئي. پڳ جي رسم ۾ پ پ ايم اين اي محمد بخش مھر، جي ڊي اي اڳواڻ علي گوھر مھر، ايم پي اي راجا خان مھر، لوءِ صاحبان جي گادي نشين جمال الدين شاھ جيلاني، پپو خان چاچڙ، پي ٽي آءِ اڳواڻ افتخار خان لنڊ، غلام مصطفيٰ ابڙو، اصغر علي شاھ، ڄام فيض، محمد خان  لکڻ سميت سياسي سماجي اڳواڻن، علائقي واسين سميت گھوٽا برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.