باقراڻي (ن پ ا ) باقراڻي ۾ ڳوٺ مڏباھو جي رهواسين محمد شريف چانڊيو، محمد ابراهيم چانڊيو، اسلم چانڊيو، راشد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان لاڙڪاڻو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو،اڳواڻن چيو ته ايس ايڇ او دڙي گهر تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن مٿان تشدد ڪري گهر ۾ پيل نياڻين جو ڏاج، سونا زيور، 25 لک روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦرلٽ ڪري کڻي ويو، جڏهن ته تنوير چانڊيو کي پڻ تشدد ڪري کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي،نوٽيس وٺي گهر مان ڦرلٽ ڪيل سامان واپس ڪرائي بيگناهه کنڀي گم ڪيل نوجوان تنوير چانڊيو کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ملوث پوليس آفيسر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.