اسلام آباد (بيورو رپورٽ) زيراعظم عمران خان حڪومتي ۽ پارٽي ترجمانن کي ن ليگ پاران عدليه تي دٻاءُ  وجهڻ جي تاريخ کان عوام کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومتي ۽ پارٽي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، ذريعن مطابق اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي معاشي ترقي جي حوالي سان عالمي ادارن پاران ڏنل رپورٽن جو ميڊيا ۾ بار بار ذڪر ڪرڻ  ۽ عوام کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اجلاس ۾ڳالهائيندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته شرف فيملي مافيائن وانگر ايڪٽ ڪري رهي آهي،مافيائون هميشه بليڪ ميلنگ جو سهارو وٺنديون آهن، حڪومتي ۽ پارٽي ترجمان عوام کي مسلم ليگ (ن) جي ماضي جي تاريخ به ٻڌائن ته ڪيئن انهن ماضي ۾ عدليه کي دٻاءُ ۾ آندو، ڪيئن ن ليگ رفيق تارڙ کي بريف ڪيس ڏئي بلوچستان موڪليو، رانا شميم ڪٿي ويهي حلفيه بيان تيار ڪيو، عوام کي سمورين شين کان آگاهه ڪيو وڃي، منهنجو شريف فيملي سان ڪو مقابلو ناهي، اها ٻڌائي ته ملڪ مقصود ڪير آهي، هڪ پٽيوالي جي اڪائونٽ مان 16 ڪروڙ رپيا شهباز شريف جي اڪائونٽ ۾ ويا، پٽيوالي جي اڪائونت ۾ ايترا پيسا ڪٿان آيا، شهباز شريف کان پٽيوالي، پاپڙ واري جي اڪائونٽن ۾ ايڏي رقم جو جواب گهريو وڃي، شريف فيملي پنهنجي ڪرپشن بابت ڪوجواب نه ٿي ڏئي، ان ۾ ڪا اخلاقيات ناهي، شريف فيملي ڪهڙي منهن سان اسان مٿان الزام لڳائي ٿي، ڪرپشن ڪندڙ اپوزيشن ليڊر بڻيل آهي، هن چيو ته مخالف ڌر ڊيل جون ڳالهيون پکيڙي رهي آهي، جيئن پاڻ لاءِ سياسي ماحول ٺاهي سگهن، احتساب کان پوئتي نه هٽندس. وزيراعظم حڪومتي ترجمانن خاص طور تي سڌسماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري کي اهم هدايتون ڪيون، اجلاس کان پوءِ سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري پريس ڪانفرنس ڪندي چيوآهي ته تحريڪ انصاف بلدياتي حڪومتن جي حوالي سان انقلابي قدم کنيا آهن، ارڙهين ترميم تحت اختيار وفاق کان صوبن کي منتقل ڪيا ويا، پر صوبن کان ضلعن کي اختيار منتقل نه ٿيا آهن ان ڪري اڄ ملڪ جي شهرن ۾مسئلا آهن، سنڌ حڪومت ڪراچي کي پنهنجو حصو نه ڏئي رهي آهي، عمران خان بااختيار بلدياتي حڪومتن جو نظام آڻڻ جو فيصلو ڪيوآهي، جنهن تحت اين ايف سي ڪميشن ذريعي پيسا صوبن کي منتقل ٿيندا ۽ صوبن کان پيسا ضلعن ڏي ويندا، ان نظام تحت ميئر سڌي ريت چونڊيو ويندو ۽ اهي ئي پنهنجي ضلعن کي هلائيندا، هن چيو ته هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته شهباز شريف نواز شريف جي ملڪ واپس نه اچڻ جا سبب ٻڌائي، شهباز شريف جو ڪيس عوام سامهون لائيو نشر ٿيڻ گهرجي، جيئن ماڻهو به ڏسي سگهن ته انهن ڪهڙي ريت ڪرپشن ڪئي آهي، هن چيو ته نواز شريف ايند ڪمپني ۽ زرداري اينڊ ڪمپني قوم جا اربين رپيا لٽيا، قوم ان پيسي جو حساب چاهي ٿي، ماڻهو تنگ ٿي ويا آهن، ساڍا 3 کان4 سال ٿي ويا آهن، هنن کان وصوليون ٿيڻ گهرجن، اسان جي عدليه کان درخواست آهي ته انهن جي ڪيسن جي لائيو نشريات ڏيکاري وڃي، هنن جي پيءُ جا پيسا ناهن، اهي پيسا واپس ٿيڻ گهرجن، فواد چوڌري چيو ته اسان کي 1947ع جي لڳ ڀڳ معاشي حالتن جهڙو ملڪ مليو پر اڄ ڪورونا باوجود ملڪ جي معيشت 5.37 سيڪڙو آهي، هڪ سئو ڪمپنين 929 ارب رپين جو منافعو ڪمايو،  نوازشريف رانا شميم کي پنهنجي آفيس ۾پاڻ سان گڏ ويهاري حلف نامو لکرايو، نواز شريف کي ان مامري ۾ سزا ملڻ گهرجي، اهو ان لاءِ فٽ ڪيس آهي.