اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي، ذريعن موجب نواز شريف جي واپسي ۽ مختلف ڪيسن جي مامري تي وزيراعظم ناراض هو ۽ شهزاد اڪبر کان استعيفا گهري هئي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شهزاد اڪبر پنهنجي استعيفا جي تصديق  ڪندي چيو آهي ته مون وزيراعظم عمران خان جي صلاحڪار طور عهدي تان استعيفا وزيراعظم کي اماڻي ڇڏي آهي، اميد آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ احتساب جو عمل جاري رهندو، هن چيو ته صلاحڪاري تان استعيفا کان پوءِ مان پارٽي سان واڳيل رهندس ۽ بطور قانوني برادري جي ميمبر پنهنجو تعاون حڪومت کي فراهم ڪندو رهندس، ذريعن مطابق شهزاد اڪبر وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار سان گڏ گهرو مامرن جي صلاحڪاري واري عهدي تان به استعيفا ڏني آهي، ان  پاران هلندڙ مهيني دوران ڪابينا ڪاميٽي جي ميٽنگ ۾ گهرو مامرن جي وزير شيخ رشيد پاران نواز شريف جي واپسي بابت اٿاريل سوال تي نواز شريف جي واپسي کي مشڪل قرار ڏنو هو، ذريعن مطابق وزيراعظم شهزاد اڪبر جي ڪارڪردگي مان خوش نه هو، جنهن ڪري کيس استعيفا ڏيڻ جو چيو هو، ذريعن موجب وزيراعظم شهزاد اڪبر کان ڪيسن جا تفصيل گهريا هئا جيڪي هن اڻپورا تفصيل پيش ڪيا جنهن تي وزيراعظم ناراض هو، جنهن کان پوءِ شهزاد اڪبر عهدي تان استعيفا وزيراعظم حوالي ڪري ڇڏي، ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم عمران خان شهزاد اڪبر جي استعيفا منظور ڪري ورتي آهي ۽ احتساب بابت صلاحڪار مقرر ڪرڻ لاءِ مختلف نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم عمران خان شهزاد اڪبر جي استعيفا بابت مختصر تبصرو ڪندي چيو آهي ته شهزاد اڪبر جي ڪارڪردگي سٺي نه هئي، هوڏانهن سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري شهزاد اڪبر جي استعيفا ڏيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته شهزاد اڪبر شديد دٻاءَ ۾ ڪم ڪيو، مافياز خلاف ڪم ڪرڻ آسان نه هو، هن جو چوڻ هو ته وزيراعظم احتساب بابت نئين صلاحڪار جي مقرري لاءِ نالن تي غور ڪري رهيو  آهي، وزيراعظم جيئن نالي کي حتمي صورت ڏيندو ميڊيا سامهون تفصيل رکيا ويندا، هن چيو ته مون کي خبر هئي ته شهزاد اڪبر استعيفا ڏيندو، جڏهن ته وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گل چيو آهي ته شهزاد اڪبر استعيفا ڏئي ڇڏي آهي، استعيفا جا سبب ان کان پڇي سگهجن ٿا، مون وزيراعظم کي ڪڏهن به ڪنهن شئي تي مايوس نه ڏٺو آهي، وزيراعظم چاهي ٿو ته پاڪستان ۾ احتساب جو عمل تيز ٿيڻ گهرجي، شهزاد اڪبر کان استعيفا ورتي نه وئي آهي پر هن پاڻ استعيفا ڏني، ٿي سگهي ٿو ته هو ڪم ڪندي ڪندي ٿڪجي پيو هجي يا هن لاءِ اڃا ڪو سٺو موقعو هجي، ٿي سگهي ٿو ته هو جيڪو ڪم ڪري رهيو هو  ان مان خوش نه هجي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن پهريان نجڪاري جي وفاقي وزير محمد ميان سومري نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين طور عهدي تان استعيفا ڏني هئي، ذريعن مطابق محمد ميان سومرو کان ان عهدي تان استعيفا گهري وئي هئي، جنهن کان پوءِ ان استعيفيٰ ڏني، وزيراعظم جنهن کي منظور ڪري نجڪاري ڪميشن جو چيئرمين به لڳائي ڇڏيو آهي.