اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي ڪابينا مان صلاحڪار جي عهدي تان ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ،  صحت جي وفاقي وزير جي عهدي تان عامر ڪياني کي وزيراعظم هٽائي چڪو آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي کي هٽائي وزيراعظم ان جي جاءِ تي امين الحق کي وفاقي وزير مقرر ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر عشرت حسين وزيراعظم جي سڌارن بابت صلاحڪاري تان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته سڌ سماءَ بابت خصوصي معاون جي عهدي تان فردوس عاشق اعواڻ، عاصم سليم باجوه  عهدي تان هٽي چڪا آهن، ان کانسواءِ خصوصي معاون جي عهدي تان ذوالفي بخاري، پيٽروليم بابت خصوصي معاون تابش گوهر، يوسف بيگ مرزا،  شهزاد سيد قاسم، صحت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا عهدن تان استعيفيٰ ڏئي چڪا آهن.