لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نوازشريف کي پاڪستان جو نه پر چوري جا پيسا بچائڻ جو فڪر آهي، 90 ڏينهن اندر چونڊون نه  ٿيون ته روڊن تي اينداسين، جنرل (ر) باجوه ڀارت جو ساٿ ڏيڻ لاءِ مون تي دٻاءُ وڌو، باجوه خلاف فوج اندر احتساب ٿيڻ گهرجي،لاهور ۾ صحافين سان ملاقات دوران ڳالهائيندي عمران خان چيو ته منهنجي غير موجودگي ۾ منهنجي گهر تي حملي جو ڪوبه جواز نه هو، گهر تي حملي بابت ڪيس تيار ڪري ورتو آهي، جلد ئي ان کي فائل ڪيو ويندو. هن چيو ته نگران حڪومت کي نيوٽرل ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جيڪو هو ادا نه پيا ڪن، محسن نقوي، آءِ جي پنجاب ۽ سي سي پي او لاهور ڏوهاري ماڻهو آهن. عمران خان چيو ته عارف علوي هاڻ اسٽيبلشمينٽ ۽ اسان جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جو ڪردار ادا نه پيو ڪري. شاهه محمود قريشي ۽ پرويز الاهي کي ٻين پارٽين سان رابطا بحال ڪرڻ جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن. عمران خان وڌيڪ چيو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ڪرايون ويون ته ملڪ ۾ آئين نالي ڪابه شيءَ نه رهندي. 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ڪرايون ويون ته اسان روڊن تي هونداسين. هي ڪهڙي قانون تحت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون اسيمبليون بحال ڪندا. اڳوڻي آرمي چيف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي عمران خان چيو ته جنرل باجوه هڪ ڏينهن هڪڙيون ڳالهيون ڪندو آهي ته ٻئي ڏينهن ان تان ڦري ويندو آهي، جنرل باجوه خلاف احتساب فوج اندر ٿيڻ گهرجي، جنرل باجوه ڀارت سان دوستي چاهي ٿي ان لاءِ هن منهنجي مٿان پڻ دٻاءُ وڌو. پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته ميڊيا تي اسان جو مڪمل بليڪ آئوٽ ڪيو ويو آهي، سوشل ميڊيا ٽيم کي به ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.