اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي نيب نوٽيس تي عدالت سان رابطو ڪري ورتو. اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي توشا خانه ڪيس ۾ جاچ لاءِ نيب طلبي نوٽيس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي جنهن ۾ نيب کي ڌر بڻايو ويو آهي. بشريٰ بي بي طرفان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته فيصلو اچڻ تائين نيب کي سندس خلاف ڪارروائي کان روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ فيصلو اچڻ تائين انڪوائري کي جاچ ۾ تبديل ڪرڻ کان پڻ روڪيو وڃي. بشريٰ بي بي عدالت کان 16 ۽ 17 فيبروري واري نوٽيس کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.