مهانگائي ۽ غربت زندگين جو خراج وٺڻ لڳي آهي

0
228
مهانگائي ۽ غربت زندگين جو خراج وٺڻ لڳي آهي

سنڌ ۾ بک بلوغت کي رَسي وئي آهي. جن به سماجن ۾ بک بلوغت کي رسندي آهي، اتي يا ته ڪرائيم وڌي ويندو آهي، سماج روانڊا جي راهن تي هلڻ لڳندو آهي، يا وري انقلاب جي شاهراهه ڏانهن ان جي وک وڌڻ لڳندي آهي. بک انقلاب جو دڳ ان ڪري وٺي نه سگهي آهي، جو غربت جي ماريل ماڻهن جي ڪاوڙ وارين چڻنگن مان ڀنڀٽ ڀڙڪائڻ وارن سياستدانن جا نسل ناياب کڻي نه به ٿيا هجن، پر قحط الرجال ضرور آهي. عام ماڻهو خوف، عدم تحفظ ۽ غير يقينيءَ جو شڪار آهن. اهي جڏهن زڪوات، خيرات ۽ مفت راشن جو ٻڌن ٿا ته اوڏانهن لڙي ٿا وڃن. ڪڏهن ڪڏهن يا ته هراس ۾ حواس وڃايو ويهن يا وري انتظامي وائڙائپ وڏي نقصان جو سبب بڻجيو وڃي. اهڙو ئي واقعو ڪراچي سائيٽ ايريا جي هڪ فيڪٽريءَ ۾ پڻ پيش آيو آهي، جتي زڪوات ۽ مفت راشن جي ورڇ دوران افراتفريءَ سبب 9 عورتون ۽ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا. 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن مان ٽن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فوتين جي وارثن لاءِ 5-5 لک رپيا، جڏهن ته زخمين لاءِ هڪ- هڪ لک رپين جو اعلان ڪيو آهي.

هاڻي ڳالهه “تذليل- تماشي” کان چڙهي وئي آهي. هاڻي ته مهانگائي ۽ غربت زندگين جو خراج وٺڻ لڳي آهي. ماڻهن جو جيئڻ اڳ ئي جنجال بڻيل هو، هاڻيءَ تي آءِ ايم ايف جي ڳوٿريءَ مان نڪتل فرمائشي مهانگائيءَ ماڻهن جي جيئڻ جا گس بند ڪري ڇڏيا آهن. هو پنهنجن پيارن جي بک ۽ لڙڪ نٿا ڏسي سگهن ۽ حياتيءَ جي بدلي اٽي لَپَ جو سودو ڪندي دير نٿا ڪن، حڪمرانن وٽ عوام جي اهنجن بابت سوچڻ جو وقت ڪونهي. اهي ماڻهو، جيڪي بک جي بدترين اذيت ڀوڳي رهيا آهن، جن لاءِ زندگيءَ جي اذيت موت کان به سرس ۽ سوائي آهي، انهن لاءِ سوچڻ جو وقت ڪنهن وٽ آهي؟ حڪمرانن وٽ به نه! حڪمرانن جون ته مصروفيتون انيڪ آهن. انهن کي ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ وڃي لفظن جي هٿيارن سان سياسي مخالفن کي زير ڪرڻو آهي، پنهنجي، حڪومتي “احسن ڪارڪردگيءَ” جو نقشو چِٽڻو آهي، سياسي بيان جاري ڪرڻ جو فرض به پورو ڪرڻو آهي، پريس ڪانفرنس ۾ شعله بيانيءَ جو مظاهرو به ته ڪرڻو آهي، ڪنهن سيمينار ۾ به شرڪت ڪرڻي آهي، ڪنهن اسڪيم جو به افتتاح ڪرڻو آهي، ڪنهن افطار پارٽيءَ ۾ به شرڪت ڪرڻي آهي، ايترين سارين مصروفيتن کانپوءِ به عوام جي اهنجن تي سوچڻ جو وقت نڪري ته آخر ڪيئن نڪري، بک ۽ اوگهڙ (بقول حڪمرانن جي) انهن ماڻهن جي زبان تائين پهتل آهي! اڻهوند جن جو ڪل اثاثو آهي، اهي حڪمرانن جي ترجيحن کان ئي ٻاهر آهن. جن جي ٻانهن ۾ هن وقت به ڇَٽَ، پَٽَن سان هڻڻ جيترو ٻَل موجود آهي. عورتن کي ڊاڪٽر يونس ۽ ان جي گرامين بينڪ جهڙي ڪا به اسڪيم ڏيڻ بدران انڪم سپورٽ جهڙن پروگرامن جي ذريعي انهن جي عزتِ نفس جو جنازو ڪڍي کين مستقل پينڙات بڻايو ويو آهي، خيرات، زڪوات ۽ امداد جي خبر پوندي ئي ماڻهو اَجهل بڻجيو وڃن ۽ هجوم ۾ ڀاڄ سبب چيڀاٽجي حياتيون وڃايو ويهن، ڇو ته دانا ديوانا ڪندڙ بک اهڙو بڇڙو ٽول آهي، جنهن ۾ ماڻهو دماغ سان نه پر پيٽ سان سوچيندو آهي. سائيٽ ايريا ڪراچيءَ جي فيڪٽريءَ ۾ زڪوات ۽ راشن جي ورڇ وقت فيڪٽري انتظاميا جي وائڙائپ سبب گهڻو نقصان ٿيو، نه ته رش ۽ ڀاڄ جي ڪري ايترا ماڻهو ڪيئن ٿا مري سگهن؟ ان واقعي ۾ 9 عورتون ۽ 3 ٻارڙا مري ويا آهن، 5 زخمي آهن، جن مان به ٽن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي رپورٽ ٿي آهي. اهي پڻ خبرون آهن ته رش سبب فيڪٽريءَ جي گارڊن لٺبازي ڪئي، جنهن جي ڪري ڀاڄ ۾ ڪيتريون ئي عورتون نالي ۾ ڪري فوت ۽ زخمي ٿيون. بهرحال ڇا به هجي پر فيڪٽري انتظاميا جي غفلت ۽ وائڙائپ ثابت آهي. اڳ به اهڙا واقعا ٿيندا رهيا آهن، تازو پنجاب ۾ به سستي اٽي جي حصول وارين ڪوششن دوران ماڻهن جي چيڀاٽجي مري وڃڻ جون خبرون رپورٽ ٿي چڪيون آهي، پر اهو سڀ ڪجهه سامهون هوندي به فيڪٽري انتظاميا ڪابه اڳواٽ رٿابندي نه ڪئي، نه ئي پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي آگاهي ڏيڻ جي ضرورت محسوس ڪئي، جنهن ڪري هيڏو وڏو نقصان ٿيو.

سنڌ ۾ غربت ان نهج تي وڃي پهتي آهي، جو ماڻهو اٽي جي لَپَ حاصل ڪرڻ لاءِ زندگي داءَ تي لڳايو ڇڏين، جنهن صورتحال تي حڪمرانن کي ڳڻتي نه هجڻ به وڏي ڳڻتيءَ جي ڳالهه آهي. ڪراچيءَ جي شهر جي اها حالت آهي ته ٻهراڙين ۾ غربت ۽ اڻهوند ڪٿي پهتل هوندي، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي. سائيٽ ايريا ڪراچيءَ ۾ ٿيل سانحي تي اسان انتهائي ڏک جو اظهار ڪندي شفاف جاچ جي گهر ڪريون ٿا. فيڪٽريءَ جي گارڊن طرفان ماڻهن تي ٿيل لٺبازيءَ وارين خبرن جي پڻ جاچ ڪرائي وڃي، جنهن جي ڪري عورتون هراس ۾ حواس وڃائي نالي ۾ ڪريون.