لنڊن(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون سٺيون رهيون، ميان صاحب سان به گھڻيون ڳالهيون ٿينديون آهن پر هر ڳالهه پبلڪ ڪرڻ جي ناهي هوندي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون سٺيون رهيون، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي اعليٰ مئنجمينٽ سان 4 ڏينهن ۾ 58 ميٽنگز ٿيون آهن. ڊالر جي اگهه ۾ واڌ تي هن چيو ته ڊالر جو اگهه ڪجهه پئسا وڌيو آهي پر جلد ئي اگهه اصل ويليو تي اچي ويندو. صحافي جي هڪ سوال ته ڇا ميان صاحب ايندڙ آرمي چيف جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي؟ پر ناڻي واري وزير چيو ته ميان صاحب سان گھڻيون ڳالهيون ٿينديون آهن پر هر ڳالهه پبلڪ ڪرڻ جي ناهي هوندي.