اسلام آباد (بيورو رپورٽ)چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته دنيا اندر اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال تي تحقيقات ٿي آهي، دنيا ۾ صرف ٻن ملڪن برازيل ۽ ڀارت ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين استعمال ٿي رهي آهي، برازيل جي نمائندي اسان کي ٻڌايو هو ته 2023ع جي اليڪشن هتي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ڪرائڻ معجزو هوندو، هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي جلدي ۾ مسلط ڪيو ويو ته چونڊ عمل شڪي ٿي ويندو، ان سان انارڪي ڦهلجي ويندي، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته اسان شوق ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي چونڊون ڪرايون ۽ پوري ملڪ ۾ انارڪي ڦهلجي وڃي، پنجاب حڪومت چاهي ٿي ته انارڪي ڦهلجي، چونڊون خراب ٿيون ته ڪير ذميوار هوندو.