اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس 21 آڪٽوبر جمعي ڏينهن تي طلب ڪري ورتو آهي، پي ڊي ايم جو اجلاس مسلم ليگ (ن) جي سيڪريٽريٽ چڪ شهزاد اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن جي صدارت مولانا فضل الرحمان ڪندو، اجلاس ۾ پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جا اڳواڻ ۽ سربراهه شرڪت ڪندا، جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال، پي ٽي آءِ جي متوقع لانگ مارچ جي صورتحال تي به غور ڪيو ويندو.