سرگودا (م ڊ) نواز ليگ جي چيف آرگنائيز مريم نواز چيو آهي ته اصل سازش عمران نه پر نوازشريف خلاف آهي، 4 جج ۽ جنرل فيض حميد ملڪي حالتن جا ذميوار آهن، اسٽيبلشمينٽ گند جو ٽوڪرو اڇلايو ته ججن کڻي ورتو، فيض حميد آرمي چيف بڻجڻ لاءِ عمران کي مهرو بڻايو. سرگودا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران جي اقتدار مان نڪرڻ بعد سازش جو ٻڌي ڪن پچي پيا آهن، سازش گهڙي چور عمران خان خلاف نه پر نوازشريف خلاف ٿي، جنهن ۾ 5 ماڻهن جو عمراني ٽولو شامل هو، اهو ئي پنج ماڻهن جو ٽولو پاڪستان جي بدحالي جو ذميوار اهي، ان جو سربراهه جنرل (ر) فيض حميد هو. مريم نواز ان موقعي تي وڏي اسڪرين تي پنج ماڻهن جون تصويرون هلرايون، جن ۾ جنرل (ر) فيض حميد، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس اعجاز الحسن، ثاقب نثار ۽ عظمت سعيد کوسا شامل هئا. هن عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان عدليا مان جيڪي سهولتڪا  ڳوليا آهن، اهي تنهنجي ڪم جا ناهن، ڇاڪاڻ مريم نواز انهن کي وائکو ڪندي، ڀلي ڪيترو به نقصان ٿئي، مريم نواز چيو ته عمران 2014ع جو ڌرڻو ناڪام ٿي ويو ته عدليا مان جج کنيا، جيڪو ڪرپٽ جج هو، اهو هن سان گڏ هو، نواز ليگ جي سمورن اڳواڻن کي ڳولي ڳولي نااهل ڪيو ويو، جنرل فيض کي آرمي چيف بڻڻ لاءِ سياسي مهري جي ضرورت هئي، نوازشريف مهرو نه بڻيو ته هن عمران خان کي مهرو بڻايو، جڏهن مارچ ناڪام ٿي ويو ته جسٽس کوسا چيو ته پاناما ڪيس مون وٽ کڻي اچو. نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر جو چوڻ هو ته هڪ پارٽي جي سربراهه مونکي ٻڌايو ته هن فيض حميد کان پڇيو ته نوازشريف سان زيادتي ڇو ڪري رهيا آهيو ته فيض حميد کيس جواب ڏنو ته نوازشريف جو قد وڏو ٿي ويو آهي، ان کي گهٽائڻو آهي، هي فيض جي باقيات آهي، جنرل فيض کي عمران خان محنت ناهي، هن اربين رپيا ٺاهيا ۽ اهي ٻاهر منتقل ڪيا، پنهنجي اربين رپين جا پلازه ٺاهي ڇڏيا پر هن کي ڪهڙي خبر ته پاڪستان ڪٿي پهچي ويو؟هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جڏهن گند جو ٽوڪرو پنهنجي ڪلهن تان اڇلائي ڇڏيو ته اهو ٽوڪرو ٻن ٽن ججن کڻي ورتو، جيڪو ڪرپٽ جج هو، ان هن جو ساٿ ڏنو، ڇا سپريم ڪورٽ جا ڪجهه جج هڪ فتني کي ٿپڪي ڏيندا، باقي ادارن سمجهي ورتو آهي ته عمران فتنو آهي پر ڇا هاڻ ان کي سپريم ڪورٽ جي ڪجهه ججن پاران ريسڪيو ڪيو ويندو، جيئن ايئن ٿيو ته پاڪستان ڪٿي پهچندو؟ مريم نواز چيو ته چيف جسٽس صاحب عوام کي خبر آهي ته بينچ فڪسنگ ٿي رهي آهي، اوهان کي نظر ڇو نه ٿي اچي؟ اوهان گورنرز جي ذميواري جاچڻ ويهي رهيا پر پنهنجي به ذميواري پوري ڪريو ۽ اها ذميواري آهي ته غيرجانبدار بينچ ٺاهڻ آهي.  سينيئر نائب صدر چيو ته صادق ۽ امين جنهن کي پنجاب جو سڀ کان وڏو ڦورو قرار ڏنو، ان کي پنجاب نه پي ٽي آءِ نه تحريڪ انصاف پاڪستان جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو، ڪجهه وقت پهرين پرويز الاهي چيو ته اسٽيبلشمينٽ چڍيون تبديل ڪندي آهي پر هاڻ اها ذميواري پاڻ پرويز الاهي سنڀالي رهي آهي. هن چيو ته ماڻهن کي ڀاشن ڏيندڙ عمران ڪوئي وانگر ٻر ۾ لڪي ويٺو آهي، ماڻهن لاءِ جيل ۽ پنهنجي لاءِ ضمانتون ڪرائي رهيو آهي، نوازشريف جي بيماري جو مذاق اڏاريندڙ اڄ ڄنگهه تان پلستر ان ڪري نه ٿو لاهي ته کيس قانون پنهنجي گرفت ۾ آڻيندو.  نوازشريف جي جيل مان اي سي لهرائيندڙ ٻر ۾ لڪي ويٺو آهي، نوازشريف ڪارڪنن کي ڍال نه بڻايو پاڻ قرباني ڏني، جڏهن ته جيل ڀريندڙن کي پوليس پڪڙن آئي ته ڀڄي ويا، هي پهرين جيل ڀريو تحريڪ آهي جنهن ۾ ڪارڪن اڳيان اڳيان ۽ پوليس پويان پويان آهي، لاهور جي ڏيڍ ڪروڙ جي آبادي مان صرف 60، 70 ماڻهن گرفتاري ڏني،  آئون شهبازشريف کي کي چوان ٿي ته عمران، فيض جي باقي بچيل حڪومت جو فڪر نه ڪريو، انهن جوابدارن کان حساب وٺو.  مريم نواز چيو ته پوليس وارا، عوام ۽ تحريڪ ڏڦيڙ به ٻڌي وٺي ته  عمران تاريخ جي ڊسٽربن ۾ وڃي رهيو آهي ۽ شينهن اچي رهيو آهي، نوازشريف ايندو ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، سڀ اليڪشن جي تياري ڪريو، هي اليڪشن صرف وڙهڻي ناهي پر کٽڻي آهي، نواز ليگ اليڪشن کان نه ٿي ڊڄي.