اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آءِ ايم ايف مانيٽري پاليسي سخت ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ گذريل ڏينهن ورچوئل گڏجاڻي ٿي جنهن کانپوءِ پاڪستان جون اسٽاف ليول معاهدي جي پڄاڻي لاءِ ڪوششون تيز ٿي ويون. ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف سخت مانيٽري پاليسي جو مطالبو ڪيو آهي، مانيٽري پاليسي سخت ڪرڻ جي ڪري وياج وڌڻ جو به خدشو آهي. اسٽيٽ بينڪ جي بنيادي وياج جي سطح 17 سيڪڙو آهي، وياج جي سطح ۾ وڌيڪ 2 سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف جو مهانگائي جي حساب سان مانيٽري پاليسي ۾ سختي ڪرڻ جو دٻاءُ آهي. ڳالهين دوران پاڪستان طرفان قرض پروگرام لاءِ اڳواٽ کنيل قدمن بابت آءِ ايم ايف جي ٽيم کي آگاهي ڏني.