لاهور/پشاور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي جيل ڀريو تحريڪ جو ٻيو مرحلو ملتوي، پشاور ۾ اڳواڻن سميت سوين ماڻهو جمع، ڪنهن گرفتاري نه ڏني، پوليس جا گرفتاري ڏيڻ لاءِ هوڪا، لاهور ۾ شاهه  محمود، اسد عمر سميت ٻين اڳواڻن جي گرفتاري غيرقانوني قرار، وارث آزادي لاءِ هاءِ ڪورٽ پهچي ويا. عمران خان پاران شروع ڪيل جيل ڀريو تحريڪ جي ڪالهه ٻئي ڏينهن تي سوين ڪارڪن پرويز خٽڪ جي قيادت ۾ پشاور سينٽرل جيل پهتا، پي ٽي آءِ اڳواڻ جيل جي ديوارن تي چڙهي ويا، ڪارڪنن جهنگلا ٽوڙي جيل اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران پوليس ۽ اڳواڻن هڪٻئي کي ڌڪا به ڏنا،  جڏهن ته پشاور  پوليس به لاهور پوليس وانگر گرفتارين لاءِ هوڪا ڏيڻ وارو طريقو اختيار ڪيو، پوليس اعلان ڪندي رهي ته جنهن کي به رضاڪاراڻي طور گرفتاري ڏيڻي آهي، اهو پوليس وين ۾ ويهي، گاڏي موجود آهي، جنهن بعد ڪجهه ملڪ واجد،  فضل محمد خان، ارباب وسيم، فضل الاهي ۽ اڳوڻي ايم پي ايز سميت ڪجهه ڪارڪن پوليس وين ۾ سوار ٿيا ۽ سيلفيون ڪڍي بعد لهي ويا، ڪنهن گرفتاري پيش نه ڪئي، اڳواڻ ۽ ڪارڪن واپس هليا ويا. جڏهن ته پرويز خٽڪ جي قيادت ۾ سينٽرل جيل سامهون ڌرڻو پڻ هنيو ويو، پرويز خٽڪ چيو ته گرفتاريون ڏيڻ آيا آهيون، انتظاميه جيل جو گيٽ نه کولي رهي آهي، جيستائين گيٽ نه کوليو ويندو، ڌرڻو هڻي ويٺل رهنداسين، جڏهن ته ان کانپوءِ پرويز خٽڪ پاڻ ئي جيل ڀريو تحريڪ جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته عمران خان ٻئي مرحلي ۾ گرفتاريون ملتوي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، شاهه فرمان چيو ته ايئن نه ٿو ٿي سگهي ته حڪومت اڳواڻن کي گرفتار ڪري ڪارڪنن کي گرفتار نه ڪري، جڏهن ته جيل ڀريو تحريڪ جي ٽئين ڏينهن تي اڄ راولپنڊي ۾ گرفتاريون ڏيڻ جو شيڊول آهي. هوڏانهن لاهور پوليس تحريڪ انصاف جي جيل ڀريو تحريڪ ۾ پوليس موبائيل تي حملو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ تي دهشتگردي سميت 10 سنگين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف گذريل ڏينهن لاهور مان جيل ڀريو تحريڪ جي شروعات ڪئي هئي. جيل ڀريو تحريڪ دوران شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ سرفراز چيمه سميت ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن گرفتاريون ڏنيون هيون. پوليس ان موقعي تي موبائيل مٿان حملو ڪندڙ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. لاهور پوليس موجب ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ زبير نيازي ۽ عباد فاروق کي نامزد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 80 نامعلوم ماڻهن جي خلاف دهشتگردي، سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت، قلم 144 جي ڀڃڪڙي ۽ روڊ بلاڪ ڪري امن امان خراب ڪرڻ سميت ٻيا قلم لڳايا ويا آهن. پوليس جي مدعيت ۾ داخل ڪيل ڪيس جي جاچ لاءِ موبائل فون ۽ ڪلوز سرڪٽ فوٽيجز جي مدد به ورتي ويندي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ زبير نيازي دهشتگردي جي انت واري عدالت مان عبوري صمانت ڪرائي ورتي آهي. عدالت 2 مارچ تائين پوليس کي کيس گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

لاهور (م ڊ) جيل ڀريو تحريڪ تحت لاهور ۾ گرفتاريون ڏيندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي آزادي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي. زين قريشي طرفان پيءُ شاهه محمود قريشي کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شاهه محمود قريشي کي سختيءَ واري قيد ۾ رکيو ويو آهي، شاهه محمود کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو ويو پر اهو نٿو ٻڌايو وڃي ته کيس ڪٿي رکيو ويو آهي. اسد عمر، عمر سرفراز چيما، وليد اقبال، اعظم سواتي کانسواءِ ڊاڪٽر مراد راس، جان مدني، اعظم نيازي ۽ احسان ڊوگر جي آزادي لاءِ به درخواستون داخل ڪيون ويون آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻن جي آزادي جي درخواست تحريڪ انصاف جي اعجاز چوڌري داخل ڪئي آهي، درخواست ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري هوم، آءِ جي ۽ سي سي پي او کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آءِ جي ۽ سي سي پي او تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو آهي، اڳواڻن کي مال روڊ تان پڪڙي پهريون ڪيمپ جيل، پوءِ ڪوٽ لکپت جيل نيو ويو، اڳواڻن کي کاڌو ۽ دوائون به ڏيڻ نه ٿيون ڏنيون وڃن. اعجاز چوڌري طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اڳواڻن کي غير قانوني طور گرفتار ڪيو ويو آهي، شهرت ۽ ذات کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڪوڙا ڪيس ٺاهي سگهجن ٿا، اڳواڻن ۽ ورڪرن کي گرفتار ڪرڻ جو ڪوبه مقصد ناهي،اڳواڻن کي آزاد ڪرائي پوليس کي غيرقانوني قدم کڻڻ کان پاسو رهڻ جا حڪم ڏنا وڃن. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شهرام سرور درخواست ٻڌڻي لاءِ اڄ جمعي ڏينهن مقرر ڪئي آهي.