پسند پرڻي بعد طلاق وٺندڙ ناري جو مڙس تي فحش وڊيو ڀرڻ جو الزام: نوجوان تي 15 لک ڏنڊ جي فتويٰ

0
1485
پسند پرڻي بعد طلاق وٺندڙ ناري جو مڙس تي فحش وڊيو ڀرڻ جو الزام: نوجوان تي 15 لک ڏنڊ جي فتويٰ
پسند پرڻي بعد طلاق وٺندڙ ناري جو مڙس تي فحش وڊيو ڀرڻ جو الزام: نوجوان تي 15 لک ڏنڊ جي فتويٰ

پنوعاقل: پنوعاقل ۾ پسند پرڻي بعد طلاق وٺندڙ ناري طرفان مڙس تي مبينا طور فحش وڊيوز ڀرڻ وارن الزامن جو جرڳو ٿيو آهي

سليم غني ڪلوڙ جي سرپنچي ۾ جرڳو ٿيو، جنهن ۾ ناري ۽ نوجوان جا وارث شريڪ ٿيا، ڌرين جا دليل ٻڌا ويا

جرڳي ۾نوجوان کي ڏوهي قرار ڏئي فتويٰ ٻڌائي وئي آهي ته اطهر شاهه پنهنجي اڳوڻي زال رمشا پنهيار کي 15 لک ڏنڊ، ڏاج ۾ مليل فرنيچر ۽ کير پياڪ ٻارڙِي واپس ڪندو

فتويٰ موجب ناري رمشا پنھيار اڳوڻي مڙس اطھر شاھ ۽ سندس والد تي سکر ۾ داخل ڪرايل  ڪيس تان ھٿ کڻندي

ناري رمشا پنھيار پاران ڪجھه ڏينهن اڳ اڳوڻي مڙس وٽ اعتراض جوڳيون ويڊيوز ھئڻ جو الزام لڳايو ھو، جوڙي ڏيڍ سال اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو، 3مهينا اڳ سندن طلاق ٿي وئي هئي

هي به پڙهندا

پنوعاقل ويجهو گم ڄاڻايل 3 نوجوانن جي اغوا جي تصديق، ڌاڙيلن 50 لک رپيا گهري ورتا