پنوعاقل ويجهو گم ڄاڻايل 3 نوجوانن جي اغوا جي تصديق، ڌاڙيلن 50 لک رپيا گهري ورتا

0
726
پنوعاقل ويجهو گم ڄاڻايل 3

پنوعاقل / رائونتي (نمائندن وٽان) پنوعاقل ويجهو گم ڄاڻايل 3 نوجوانن جي اغوا جي تصديق، سندن وارثن سان رابطي جي آڊيو هٿ اچي وئي آهي

پنوعاقل ويجهو گم ڄاڻايل ٽن نوجوانن جي اغوا جي تصديق ٿي وئي، سندن وارثن کان 50 لک روپيا ڀنگ طلب ڪيا ويا آهن

مغوين وقار، توفيق ۽ خورشيد احمد  ڪٽو جي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مغوين جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو آهي

هڪ مغوي جو وارثن سان فون  تي رابطو، آڊيو سامهون اچي وئي، مغوي چوي ٿو ته ڌاڙيلن اسان کي اغوا  ڪيو آهي، 50 لک روپيا ڀُنگ  گهري رهيا آهن

ٻئي پاسي  رحيم يار خان پوليس سنڌ جي ڪچي ايندڙ ٽن ڄڻن کي روڪي ورتو آهي، رحيم يار خان پوليس پاران ايبٽ  آباد واسي ٽن ڄڻن کي اغوا کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪوٽ سبزل ٿاڻي جي حد ۾  ڪارروائي ڪري ٽن ڄڻن کي اغوا  کان بچائي ورتو آهي،

ايبٽ آباد واسي 3 ڄڻا سستي  سوزوڪي خريد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي  ڪچي طرف وڃي رهيا هئا، اغوا کان بچي ويلن ۾ محمد زاهد،  بابر گل ۽ محمد ڪفيل شامل آهن

هي به پڙهندا

جيڪب آباد: ڪارنهن الزام ناري ۽ نوجوان کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش