نواب ولي محمد (ن پ ا) نواب ولي محمد ڀرسان مڙس پاران رٺل زال کي گهلي گهر وٺي وڃڻ واري معاملي جو ڪيس  داخل، جوابدار گرفتار، خبر موجب ڳوٺ سعيد خان چنا ۾ 2 ڏينهن اڳ مڙس ملوڪ چنا پاران گهرو اڻبڻت تان پنهنجي رٺل زال شفيعه چنا کي پيڪن مان زبردستي گهلي تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو، جنهن معاملي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ ۽ ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد ايس ايس پي شهيد بينظير آباد نوٽيس ورتو، ان ڏس ۾ ايس ايس پي جي هدايتن تي قاضي احمد ٿاڻي تي اي ايس آءِ عبداللطيف مبيجو جي فرياد تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب جوابدار ملوڪ چنا کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي،