اڏيرولال (رپورٽ: عبدالغفور هڱورو) اڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ سوڍو ڇٽو ۾ ٻه ڏينهن پهرين زيادتي جو نشانو بڻيل ناري سوني زال چيتن وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو آهي.  ذريعن موجب زيادتي جو نشانو سوني ڪولهي ۽ سندس خاندان علائقي جي بااثرن جي دٻاءُ ۾ اچي پنهنجو بيان ڦيرائيندي الزام هيٺ ايندڙ سليمان ڇٽو ۽ سندس خاندان کان معافي وٺي ورتي، جڏهن ته ذريعن کان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي زيادتي جو نشانو بڻايل عورت سوني ۽ سندس خاندان بااثرن جي ڊپ سبب ڳوٺ مان پڻ لڏپلاڻ ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ٿي ويا آهن.  زيادتي جو نشانو بڻايل ناري سوني ڪولهي ۽ سندس خاندان پاران معافي واري معاملي تي جڏهن ايس ايڇ او اڏيرولال اسٽيشن شاهزمان ٻڌايو ته عورت ۽ سندس خاندان رضا خوشيءَ سان الزام هيٺ ايندڙ جوابدار کان لکت معافي ورتي آهي ۽ انهن تي ڪنهن جو به زور زبردستي ناهي. هوڏانهن پي ٽي آءِ ضلعي مٽياري جي ليڊيز اڳواڻ نرگس ناز رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سوني ڪولهي سان ٿيل زيادتي جي سخت لفظن ۾ مذمت ٿا ڪريون ۽ علائقي جي بااثرن جي دٻاءُ سبب هو لڏ پلاڻ ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ٿي ويا آهن جنهن سبب سندس زندگين کي پڻ خطرو آهي اسان آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ٿا ڪريون ته زيادتي جو نشانو بڻيل ناري سوني ڪولهي جي معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.