ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ليڊي اهلڪار ۽ سندس ڀاءَ تي تيزاب اڇلائڻ واري واقعي جو ڪيس داخل،  پوليس  ليڊي اهلڪار جي بيان کي حقيقن جي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو، جاچ ۾ ڀاءُ ڀيڻ کان ڦُر نه ٿيڻ جو انڪشاف، ان ڏس ۾ 2 ڏينهن اڳ گلزار هجري ۾ ليڊي اهلڪار گلزاره ۽ سندس ڀاءَ تي تيزاب سان حملو ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس سچل ٿاڻي تي اهلڪار جي زخمي ڀاءَ رضوان جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، فريادي ڄاڻايو ته آئون پنهنجي ڀيڻ گلزاره کي سهراب ڳوٺ ٿاڻي تي ڊيوٽي لاءِ  ڇڏڻ وڃي رهيو هئس، رستي ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 جوابدارن منهنجي ڀيڻ کان پرس ڦر ڪيو، جوابدارن وٽ بوتل ۾ تيزاب هو، هنن مون ۽  منهنجي ڀيڻ تي تيزاب اڇلايو، جنهن سبب اسان زخمي ٿي پياسين، جوابدار شڪل صورت ۾ افغاني لڳي رهيا هئا، ٻئي طرف پوليس موجب واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج  هٿ ڪيا ويا آهن، انهن فوٽيجز  موجب جوابدارن ليڊي اهلڪار ۽ سندس ڀاءَ تي تيزاب اڇلائڻ کان اڳ ڪنهن به قسم جي ڪا ڦرلٽ نه ڪئي، جوابدارن ڀاءُ ڀيڻ تي  تيزاب اڇلايو، جنهن بعد اهلڪار جي ڀاءَ موٽرسائيڪل روڊ ڪناري تي بيهاري ڇڏي، گلزاره موٽرسائيڪل تان لهي تيزاب اڇلائيندڙ جوابدارن ڏانهن وڌي. پوليس موجب ليڊي اهلڪار جو بيان مشڪوڪ آهي، واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي