نواب ولي محمد: هٿياربندن پاران ڊرائيور ۽ ڪلينر کي ٻڌي سريي سان ڀريل ٽرالر ڦر

0
197
ڪنڌڪو: ڌاڙيل ٽڪر سبزوئي

نواب ولي محمد (ن پ ا) نواب ولي محمد ڀرسان قومي شاهراهه تي اڻڄاتل ھٿياربند لوهه جي سريي سان ڀريل ٽرالر ڦر، ڊرائيور ۽ ڪلينر کي رسن سان ٻڌي ڪمند ۾ ڇڏي ويا، ڪراچي کان ملتان ويندڙ 65 ٽن لوهي سريي سان ڀريل ٽرالر کي هٿياربندن ھٿيارن جي زور تي سريي سميت ڪاھي فرار ٿي ويا، جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور ۽ ڪلينر کي رسن سان ٻڌي ڪمند ۾ اڇلي ويا، ڊرائيور لياقت ۽ شعبان پٺاڻ پاڻمرادو ھٿ پير ڇوڙي ٿاڻي تي پهتا، جن ٻڌايو ته اڻڄاتل هٿياربندن هٿيارن جي زور تي ٽرالر روڪي تشدد بعد ٽرالر ڪاھي فرار ٿي ويا، آهن رابطو ڪرڻ تي نواب ولي محمد ٿاڻي جي انچارج ڌڻي بخش بروهي چيو ته جاچ ڪيون پيا ڊرائيورن موجب ڦر ٿي آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.