جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي عدالت ٻٽي قتل ڪيس جي جوابدار کي فرار ڪرائڻ جي الزام هيٺ ايس ايچ او سوڌو ٽن اهلڪارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي، خبر موجب جيڪب آباد جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جي عدالت 2017 ۾ دوداپور ٿاڻي جي لاڪ اپ مان ڪارنهن الزام هيٺ زال ۽ برادري جي نوجوان کي قتل ڪندڙ جوابدار انور علي بروهي کي فرار ڪرائڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ان وقت جي دوداپور ۽ هاڻوڪي وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي ايس ايچ او فدا حسين لانگاهه، ھيڊ ڪانسٽيبل عاشق علي ملغاڻي، پوليس اھلڪار عمران ملغاڻي کي 15- 15 مھينا قيد ۽ 30 – 30 ھزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ ٽئي جوابدار وڌيڪ ھڪ مھينو قيد جي سزا ڀوڳيندا، عدالتي فيصلي بعد ايس ايچ او سوڌو ٽنھي اھلڪارن کي ڪورٽ روم ۾ ھٿڪڙيون ھڻي گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو.