ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو پوليس پريس ڪلب جي جوائنٽ سيڪريٽري الهبخش ڪاتيار جي وڏو ڀاءُ خدابخش ڪاتيار کي ٽشهر ۾ موٽرسائيڪل شوروم تان گرفتار ڪري 110 ليٽر ڪچي شراب ۾ چالان ڪري ڇڏيو. خدابخش ڪاتيار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئون موٽر سائيڪلن جي شوروم تي ڪم سانگي ويٺو هوس ته پوليس مون کي بيگناھ کنڀي کنيو. ٻئي پاسي ٻي طرف ٽنڊوباگو پريس ڪلب جي صدر نصرالله جروار، انور عباسي، محمد يوسف ميراڻي، جڙيل شاه بخاري ۽ الهبچايو راهوڪڙو صحافي الهبخش ڪاتيار جي ڀاءُ کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ جي مذمت ڪندي سندس آزاديءَ جو مطالبو ڪيو آهي.