نواب شاهه (بيورو رپورٽ) ريلوي اسٽيشن نواب شاهه تي ريل جي ٽڪر ۾ عورت فوت ٿي وئي، زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾عورت جي لاش جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا . لاش کي ايمبولينس ذريعي پي ايم يو اسپتال نوابشاهه پهچايو ويو ، جتي عورت جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. لاش ايڌي سينٽر وارن ڪفن دفن ڏئي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.