سکر (بيورو رپورٽ)سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد بئراج ڪالونيءَ ۾ 8 ورھين جو نينگر آذان گھر جي ڇت تي لغڙ اُڏاري رھيو ھو ته ڇت تان پير ترڪڻ سبب ڪري فوت ٿي ويو، گھر وارن طرفان دير تائين ھيٺ نه لھڻ تي ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ڳولھا ڪئي ته ڀرسان واري ڇت تي نينگر ڪريل حالت ۾ مليو، جنھن کي فوري طور مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جِتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، معصوم نينگر جي اوچتو فوت ٿيڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.