محرابپور (ن پ ا) محرابپور جي روهڙي ڪئنال ريگيوليٽر وٽ واهه جي دروازي مان نامعلوم نوجوان جو لاش هٿ، لاش ڏسي واٽهڙن پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد پوليس پهچي لاش ڪڍرائي ضروري ڪارروائي لاءِ مڙهه کي رورل هيلٿ سينٽر جي مرده خاني منتقل ڪيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد نوجوان جي مڙهه کي ايڌي سينٽر ڪنڊيارو حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب آخري اطلاعن تائين مليل لاش جي ڪابه سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي. نوجوان جو هٿ آيل لاش ايڌي سينٽر ڪنڊيارو حوالي ڪيو ويو. لاش ڪجهه ڏينهن پراڻو پڻ لڳي رهيو آهي.