روهڙي (ن پ ا) روهڙي جي علائقي لوڪوشيڊ ڪالوني ۾ 40 سال جي نصرت لاشاري زال نادر علي لاشاري مبينا طور زھريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.ان معاملي کي وارثن پاران لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.ٻڌايو پيو وڃي عورت پاڻ سان گڏ پنهنجي 14 سال جي ڌيءَ بچل لاشاري کي به زھر پياريو، جيڪا سکر جي سول اسپتال ۾ داخل آهي.ھوڏانھن لوڪوشيڊ پوليس شڪ جي بنياد تي فوتڻ جي ڏير رياض احمد لاشاري ۽ پٽ شاھنواز لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ هو ته وارثن موجب عورت گهر ۾ زهر پيتو، جنهن کي پهريان روهڙي اسپتال آندو جتي حالت نازڪ هئڻ ڪري لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو جتي دم ڏنائين،پوليس جو چوڻ هو ته عورت جا وارث لاش لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عورت جو مڙس به فرار ٿي ويو آهي، قتل جو شڪ آهي، وڌيڪ مامري جي جاچ ڪري رهيا آهيون.