ڪراچي (رپورٽ: دودو چانديو ) سنڌ ڪابينا ٽرانسپورٽ کاتي ۾ 124 ڀرتين جي به منظوري ڏئي ڇڏي، ٽرانسپورٽ کاتي ۾ خالي پيل سيٽن تي ڀرتين لاءِ اجلاس ۾ مسودو پيش ڪرڻ بعد مينيجنگ ڊائريڪٽر سيڪريٽريٽ لاءِ 8 اسٽاف، سيڪريٽري بورڊ لاءِ 4، ڊائريڪٽر انفراسٽرڪچر اينڊ پلاننگ لاءِ 32 اسٽاف، ڊارئريڪٽوريٽ آف بس آپريشنز اينڊ آئي ٽي ايس لاءِ 36، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊمنسٽريشن اينڊ انفورسمينٽ لاءِ 36 ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف فناننس اينڊ ڪائونٽس لاءِ 18پوسٽن تي ڀرتين جي اجازت ڏني وئي. جڏهن ته وڏي وزير 9 بدران رڳو 4 ڊائريڪٽرن جي منظوري ڏني. سنڌ روينيو بورڊ جي چيئرمين خالد ڪابينا اڳيان ٻن ڪيٽيگرين لاءِ ڏنڊ / واڌو رقم معاف ڪرڻ جي تجويز ڏني. جنهن بعد ڪابينا ورڪرز ويلفيئر فنڊ ۽ ورڪرز ويلفيئر ڪوآپريٽو فنڊ جي ادائيگي لاءِ هڪ وڏي سهوليت جو اعلان ڪيو. ڄاڻايل ٻنهي فنڊن جي 2 ارب جي رهتن جي 30 جون تائين ادائگي تي وڏي پيماني تي ڏنڊ ۽ واڌو ٽيڪس جي ڇوٽ ملندي معدني وسيلن واري کاتي سنڌ ميٽيليفيرس مائنز ايڪٽ -2021 جو مسودو پيش ڪيو. صوبائي وزير شبير بجاراڻي ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته کاڻ جي کوٽائي وارن مزدورن جي صحت ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ کاتي کي فيڊرل مائنيز ايڪٽ 1923 تحت ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي. 18هين ترميم بعد هاڻ صوبائي قانون آڻيون پيا سنڌ ڪابينا سنڌ ليٽرز آف ايڊمنسٽريشن اينڊ سيڪسيشن سرٽيفڪيٽ 2021ع قانون جي منظوري پڻ ڏني. قانون تحت درخواست ڏيندڙن کي ليٽر آف ايڊمنسٽريشن يا وراثتي سرٽيفڪيٽ جي گرانٽ لاءِ درخواست يا سندس قانوني وڪيل سان گڏ فوتي سرٽيفڪيٽ، قانوني وارثن جي فهرست سميت سي اين آءِ سي، سڃاڻپ ڪارڊ يا اهڙي ريت ٻيا ڪاغذ گهربل هوندا. قانون ۾ وراثتي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ تفصيلي طريقو ستن حصن ۽ ليٽر آف اٿارٽي جا 3 فارم ڄاڻايل آهن. ليٽر آف ايڊمنسٽريشن اينڊ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ کي ٽن شيڊيول ۾ ڏنو ويو آهي جڏهن ته شيڊول چوٿين ۾ درخواست لاءِ 20 هزار رپيا ۽ ڪاپي يا ترميم لاءِ 5 هزار رپيا ڏنا ويا آهن. جڏهن ته سنڌ ڪابينا سنڌ ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ انسٽيٽيوٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز کي ٻن سالن جي عرصي لاءِ مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني. بورڊ آف ٽرسٽيز ۾ ليبر اڳواڻ ، اي او بي آءِ جي سيڪريٽري کي چيئرپرسن، ناڻي ۽ انڊسٽريز کاتن کي جي نمائندن کي ميمبر طور ۽ ملازمن جي نمائندن ۾ڪاٽي جي مسعود نائي، فيڊرل بي ايريا جي محمد عرفان، ڪوٽڙي جي جبار ميمڻ ۽ ڪراچي جي جنيد مڪدا کي شامل ڪيو ويو آهي. ڪابينا پاڪستان ريلوي پاران مختلف ضلعن خاص طور تي سکر ۽ روهڙي ۾ حددخلين واري مهم تي پڻ خدشن جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ ڪابينا جسٽس (ر) نثار محمد شيخ کي ماحولياتي تحفظ ٽربيونل جي چيئرمين، عبدالرؤف ميمن کي بطور ميمبر (ٽيڪنيڪل) ۽ محمد عارف ايڊووڪيٽ کي پڻ ميمبر (قانوني) مقرر ڪرڻ جي منظوري به ڏني. يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي اختيارين اجلاس کي ٻڌايو ته مختلف تعليمي بورڊن جي چيئرمينن جو 3 سالن جو مدو ختم ٿي چڪو آهي. اجلاس ۾ سکر جي چيئرمين غلام مجتبيٰ شاهه، ميرپورخاص جي برڪت حيدري ۽ حيدرآباد جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد ميمڻ جي مُدي ۾ ٽن مهينن تائين واڌ جي منظوري ڏني وئي. سنڌ ڪابينا يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته بورڊ چيئرمين لاءِ اشتهار جاري ڪري چٽاڀيٽي واري عمل ذريعي مقرريون ڪيون وڃن. سنڌ ڪابينا ڊاڪٽر محمد فاروق حسن کي شهيد بينظير آباد تعليمي بورڊ جي چيئرمين شپ واري عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڊاڪٽر فاروق کي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي کيس هٽائڻ بعد مناسب تعليمي ماهر کي چيئرمين مقرر ڪيو ويندو. ڪابينا ڊاڪٽر سعيد الدين کي بورڊ آف انٽرميڊيٽ ا ڪراچي ۽ سيد شرف علي شاهه کي بورڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪراچي جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني،