ڏهرڪي: بدنام ڌاڙيل راحب شر جو هڪ وڊيو بيان وائرل ٿيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته پوليس جو اسان مٿان ڪو به ڌٻاءٌ ه هو ۽ نه ئي ڪو آپريشن ڪيو ويو آهي نه ئي ڪو پوليس مقابلو ٿيو آهي، هن چيو ته موهن لال راڄوڻي ڪوششن سان آزاد ٿيو، پوليس جو سڀ دعوائون ڪوڙيون آهن، موهن لال کي ڌاڙيلن سندس نياڻين جي سڏڪن ۽ پوتيون ميڙ ڪرڻ تي رحم کائي ڇڏيو.موهن لال جي بيان ۽ ڌاڙيل راحب شر جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد گهوٽڪي پوليس موقف ڏيڻ کان به لنوائيندي رهي،ايس ايس پي گهوٽڪي موبائل فون تي ڪال اٽينڊ نه ڪئي.