ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ٻه ڏينهن اڳ ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ٿي گهر پهتل موهن لال پوليس مقابلي جي پت وائکي ڪندي ميڍيا کي ٻڌايو ته ڌاڙيل اکيون ٻڌي ڪچي ۾ هڪ کان ٻئي هنڌ کڻي اچي رستي ۾ ڇڏيو، ۽ چيو ته اڳيان پوليس بيٺل آهي جيڪا توکي وٺي ويندي.موهن لال جي اهڙي بيان بعد پوليس پاران مقابلي وارو ڪيل ڊرامو ناڪام ٿي ويو، موهن جي اهڙي بيان تي گهوٽڪي پوليس مٿان سوشل ميڍيا تي تنقيد ڪئي پئي وڃي.پوليس دعويٰ باوجود ڌاڙيلن جي ٻن سهولتڪارن جي گرفتاري هيل تائين ظاهر نه ڪئي. موهن لال جي اغوا بعد ڌاڙيلن طرفان تشدد واري وڊيو وائرل تي سوشل ميڊيا تي پوليس مٿان تنقيد ڪئي وئي هئي