پنوعاقل (ن پ ا) پني عاقل جي سانگي ٿاڻي جي حد مان مبينا طور اغوا ٿيل ٻه نوجوان دوست جميل ورند ۽ ذاڪر اهه ڏھ ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب ناھن ٿي سگهيا، نوجوان جميل ورند پاران وارثن سان مختلف وقتن تي رابطي ڪرڻ کانپوءِ اغوا وارو معاملو ڳجھارت بڻيل آھي، نوجوان جميل ورند پاران پنج ڏينهن اڳ وارثن سان رابطو ڪري ھڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ جي عيوض بازيابي لاءِ چيو ويو ھو، جميل ورند جي وارثن موجب پوليس نوجوانن کي بازياب ڪرائڻ بجاءِ اسانکي ئي تنگ پئي ڪري.سانگي پوليس موجب ٻئي نوجوان اغوا ناھن ٿيا پاڻ ويا آھن اغوا وارو سڀ ڊرامو آھي، اغوا ٿيل ھجن ھا ته نوجوان وارثن سان پنج يا ڏھ منٽ فون تي رابطو نه ڪن ھا، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا جلد حقيقتون سامھون آڻينداسين.