ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر ۾ مورن  جو شڪار جاري، ڳوٺ ٻورلي ۾ شڪارين ھڪ مور کي بندوق جا فائر ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن جي پھچڻ تي شڪاري زخمي مور ڇڏي فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڳوٺاڻا زخمي مور کڻي صحافين آڏو اچي رھيا ھئا تہ مور اڌ رستي تڙپي تڙپي مري ويو، بعد ۾ ڳوٺاڻن مئل مور کڻي صحافين آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي  قاسم چانڊيو، محمد ايوب ٻڌايو ته  اسانجي ڳوٺ ۾ مورن جو شڪار سرعام جاري آھي، مھينو اڳ بہ مورن جو شڪار ٿيو، پر  وائلڊلائيف کاتي عملدارن جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي.