ٺاروشاھ (ن پ ا) ٺارو شاهه ۾ جوابدار گهوٽ جي گهر مان ڏاج ٻهاري ويا، شادي ملتوي، ان ڏس ۾ ٺاروشاهه وارڊ نمبر هڪ نواب ڪالوني ۾ رهندڙ پورهيت رمضان چنا جي پٽ جو شادي ڪاڄ رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي،  پورهيت رمضان چنا صحافين کي روئيندي ٻڌايو ته پٽ عمران چنا جي شادي جو ڏاڄ ۽ ڪنوار جو سون ۽ سامان 6 لک  جو  وٺي گهر ۾ رکيو هو، اڄ گهر کي تالو ڏئي نوشھروفيروز ڪنواريتن ڏانهن شادي جي تاريخ وٺڻ وياسين ته پويان گهر خالي ڏسي نامعلوم چور گهر ۾ پيل ڏاج جو سمورو سامان کڻي ويا آهن، هن چيو ته آئون مسجد ۾ پيش امام آھيان، اوڌارا پئسا وٺي پٽ جي شادي لاءِ ڏاج جو سامان ورتو، جيڪو چور کڻي ويا آھن، هن مطالبو ڪيو ته چوري ٿيل ڏاج جو سامان واپس ڪرائي پٽ جي شادي ڪرائي وڃي نه ته گهوٽ پٽ سميت ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻنداسين.