نندو شھر (ن پ ا) نندو ۾ زمين جي تڪرار تان ڪاليج ويندڙ شاگرد گرفتار، بااثرن جي 5 ڪلاڪن تائين پرائيويٽ جڳهه ۾ رکي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو. تفصيل موجب نندو شهر ۾ صبح سوير ڪاليج ويندڙ يارهين ڪلاس جي شاگرد جاويد ملاح کي نندو پوليس زمين جي تڪرار تان حراست ۾ وٺي پرائيويٽ جڳهه تي رکي سخت تشدد ڪرڻ بعد پنجن ڪلاڪن کان پوءِ ٿاڻي تي آڻي لکت ۾ بيان وٺي آزاد ڪري ڇڏيو.