ھالاڻي (ن پ ا) ھالاڻي محرابپور لنڪ روڊ تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب بھلاڻي واسي شاھد ملڪ ولد عبدالستار ۽ دانش ملڪ شديد زخمي ٿي پيا جن کي مقامي ماڻھن ھالاڻي اسپتال پھچايو ، جتي شاھد ملڪ جي ڳڻتي جوڳي حالت ھئڻ ڪري گمبٽ ريفر ڪيو ويو جتي ھو زخمن جي سٽ نه سھندي فوت ٿي ويو. جڏھن ته دانش ملڪ شديد زخمي ٿي پيو. ٻئي پاسي ھالاڻي پوليس ڪار ڊرائيور کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.