ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو کان ڳوٺ ڪيتار ڏانهن ويندڙ مسافر لانگ چيچس جيپ ڪلٽي، 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، حادثي جي ٽن زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. خبر موجب ڇاڇري کان ڳوٺ ڪيتار ڏانهن ويندڙ مسافر لانگ چيچس جيپ ڳوٺ ڀوڻيو ڀرسان ڪلٽي ٿي پئي،حادثي جي نتيجي انور پٽ شيرخان نهڙي، فاروق، عطائي، مقبول، معشوق، اسد، دودو نهڙي، جمال دين نهڙي سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. سمورن زخمين کي ڇاڇرو تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي ٽن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. پوليس حادثي جي رپورٽ درج ڪري ورتي آهي. جيپ ڊرائيور ۽ زخمي مسافرن ٻڌايو ته حادثو ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب پيش آيو.