دوداپور (ن پ ا) ميڙ آيو آهيان، غلطي ٿي، معاف ڪريو، ايس ايچ او تاجوديرو پاران ڪجھه ڏينهن اڳ ڳوٺاڻن مٿان بنا جواز فائرنگ ڪرڻ واري معامري تي علائقي جا چڱا مڙس افتخار شاهه، شاھ نواز شاھ ۽ ٻيا ساڻ ڪري ڳوٺ مهيم بروهي ۾ جلال بروهي وٽ پهتو، جلال بروهي پاران چڱن مڙس کي مان ڏيندي ايس ايچ او کي معاف ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پنڪچر جي دڪان تي ڪم ڪندڙ نديم بروهي ۽ نجف علي بروهي کي ايس ايچ او تاجوديرو علي گل چولياڻي ۽ ٻين اهلڪارن سول ڊريس ۾ کڀڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن دوران نوجوان خوف سبب ڳوٺ ڏانهن ويا ته پوليس فائرنگ ڪئي هئي.