پنگريو (ن پ ا) پنگريو ڀرسان ڳوٺ حاجي خان ويڙھو ۾ چوپائي مال جي وٿاڻ ۾ موجود وڻ وڍڻ تان ويڙھا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ان دوران لٺيون ڪھاڙيون لڳڻ سان 7عورتن سميت15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اهڙي اطلاع تي پنگريو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي هڪ ڌر جي نادر علي، آصف علي، محمد محسن، عبدالرحمان، سلام، مسمات شاھده، زاھده ۽ ٻِي ڌر جي محمد عثمان، مسمات حور، رونق، مسمات امينا، محمد زمان، محمد حسن، شميم ۽ مسمات سازي کي علاج لاءِ ليٽر جاري ڪري پنگريو صحت مرڪز بند ھئڻ ٽنڊوباگو صحت مرڪز روانو ڪيو. واضح رھي ته ڏيڍ مھينو اڳ به پاڻيءَ جي واري تان ٻنهي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو ھو، جنھن ۾ پڻ 9 عورتون ۽ مرد زخمي ٿي پيا ھئا، جنھن کانپوءِ حاجي خان محمد ويڙھو پنھنجي زرعي زمين وڪرو ڪري حيدرآباد لڏي ويو ھو. ھوڏانھن پ پ اڳواڻ مير محمد بخش ٽالپر وٽ ڌرين جو ڏيڍ مھيني کان فيصلو رٿيل ھئڻ باوجود ڪا تاريخ مقررنه ٿيڻ سبب ڇڪتاڻ برقرار آھي جنھن کي انتظاميا سياسي مداخلت سبب ختم نه ڪرائي سگهي آھي. ٻئي پاسي پنگريو پوليس جي چوڻ مطابق ڌرين جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.