تلھار (ن پ ا) تلهار ڀرسان ٻن مختلف روڊ حادثن ۾ ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. تلهار لڳ ڳوٺ ڀنڀو لغاريءَ ڀرسان حيدرآباد- بدين مين روڊ تي نامعلوم گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار ڏيوجي ڪولھي سخت زخمي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال ريفر ڪيو ويو آھي. ٻئي پاسي تلهار- ٽنڊو باگو روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ شريمتي پريمان ڪاريو، معصوم ٻارڙي بنديا، ستن سالن جو راجيش، 30 سالن جو بشير ملاح، 28 سالن جو اصغر ڪنڀار سخت زخمي ٿي پيا، جن کي تلھار اسپتال ۾ داخل ڪري طبي امداد ڏني وئي. هڪ زخمي بشير ملاح جي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد، شريمتي پريمان ۽ معصوم ٻارڙي بنديا ڪاريو کي ماتلي، جڏهن ته اصغر ڪنڀار کي بدين اسپتال ريفر ڪيو ويو آھي.