نقيب الله قتل ڪيس جو فيصلو: رائو انوار سميت سمورا جوابدار بري

0
343

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نقيب الله قتل ڪيس جو فيصلو اچي ويو، رائو انوار سميت سمورا جوابدار بري ٿي ويا، دهشتگردي ٽوڙ عدالت نقيب الله قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي

اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار سميت سمورا جوابدار بري ٿي ويا آهن، عدالت جو چوڻ آهي ته پراسيڪيوشن جوابدارن خلاف الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي

Naqeebullah killing case : SSP Rao Anwar removed from post - PKKH.tv

عدالتي احاطي ۾ اڻ واڳيل ماڻهن ۽ ميڊيا جي نمائندن جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي، نقيب الله جي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس پي ملير رائو انوار، ڊي ايس پي قمر احمد ۽ سب انسپيڪٽر انار خان سميت 17 جوابدار نامزد هئا

ٽي جنوري 2018 تي ملير پوليس پاران نوجوان نقيب الله محسود کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي، ڪراچي ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ مظاهرن کانپوءِ 27 جنوري تي سپريم ڪورٽ واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو

ان سلسلي ۾ بري ٿيل اڳوڻي ايس پي رائو انوار جو چوڻ آهي ته مون سان ڪيس ۾ ناانصافي ٿي آهي، الحمدالله ڪوڙي ڪيس جي پڄاڻي ٿي آهي، جيڪو ماريو ويو، ان جو نالو نسيم الله هو، اڄ ۽ الله ۽ عدالت انصاف ڪيو آهي

هي به پڙهندا

نقيب الله قتل ڪيس جو فيصلو وڌيڪ ٻن ڪلاڪن تائين ملتوي