اسان واپس آيا آهيون ته هاڻ اسيمبلي جا دروازا بند ڪيا ويا آهن: تحريڪ انصاف جي شڪايت

0
297

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي 44 ايم اين ايز جون استعيفائون واپس وٺڻ لاءِ قومي اسيمبلي، اسپيڪر جي گهر ۽ اليڪشن ڪميشن جي آفيس آڏو ڊوڙون لڳي ويون آهن

عمران خان جي هدايت تي 44 ايم اين ايز استعيفائون واپس وٺڻ لاءِ قومي اسيمبلي پهتا ته گيٽ بند ڪيا ويا، عامر ڊوگر جي قيادت ۾ ايم اين ايز اسپيڪر جي گهر ويا پر ملاقات نه ٿي سگهي، پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز اليڪشن ڪميشن جي آفيس پهچي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪئي

اليڪشن ڪميشن کي استعيفائون ملڻ جي صورت ۾ کين ڊي نوٽيفاءِ نه ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي، پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران شڪايت ڪئي وئي ته اسان واپس آيا آهيون ته هاڻ اسيمبلي جا دروازا بند ڪيا ويا آهن

پاکستان تحریک انصاف کے اراکین کے لیے پارلیمنٹ ہاؤس کے دروازے بند کردیے گئے۔ فوٹو اسکرین گریب۔

 پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڊوگر چيو ته اسپيڪر راجا پرويز اشرف بدنيتي جو مظاهرو ڪندي اسان جون سموريون استعيفائون منظور نه ڪيون، قومي اسيمبلي وياسين ته دروازا بند ڪيا ويا

اسد عمر چيو آهي ته اسپيڪر اسان جي سمورن ميمبرز جي اڃا تائين استعيفا منظور نه ڪئي آهي، ان ڪري پارٽي چيئرمين جي هدايت تي 44 ميمبرز به پنهنجيون استعيفائون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسد عمر پنهنجي ٽويٽ ۾ استعيفائون واپس وٺڻ لاءِ پهتل ايم اين اين ايز جا نالا به جاري ڪري ڇڏيا

هي به پڙهندا

تحريڪ انصاف پاران رهيل 44 ايم اين ايز جون استعيفائون واپس وٺڻ جو فيصلو