ڪوئيٽا (م ڊ) نوابزاده نعمت الله زهري، سليم خان کوسا ۽ مير اصغر رند سميت بلوچستان جون اهم شخصيتون پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويون، آصف زرداري سان بلال هائوس ۾ بلوچستان جي اهم شخصيتن ملاقات ڪري شموليت اختيار ڪئي، پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪندڙن ۾ نوابزاده مير نعمت الله زهري، سليم خان کوسا، مير عارف جان محمد حسيني، آغا شڪيل احمد دراني، مير فائق خان جمالي، مير رئوف رند، مير اصغر رند، مير عبيد الله گورگيج شامل آهن، جڏهن ته سردارزاده مير فيصل خان جمالي ۽ حاجي ملڪ شاهه گورگيج به پ پ ۾ شوليت جو اعلان ڪيو،