نصر پور (ن پ ا) نصرپور ۾ برسات بعد قبرستان ۾ قبرون ڊهي پيون ۽  لاشن جا هڏا ظاهر ٿي پيا ان ڏس ۾ ر شھر جي قديمي قبرستان مخدوم مئي ڏنو ۾ شديد برسات سبب پاڻي جي تيز وھڪرن سبب ڪيترائي ڏھاڪا اڳ دفن ٿيل انسانن جا ڊانچا ۽ ھڏيون انھن مٿان پيل مٽي پاڻيءَ جي وھڪرن ۾ وھي وڃڻ سبب نروار ٿي پيا آهن. جن جي اڃان تائين ڪنهن به ذميوار سار نه لڌي آهي. اتان اچ وڃ ھئڻ سبب انھن جي بي حرمتي ٿي رھي آھي. ٻي پاسي شھر جو وڏو قبرستان شاهه نور پڻ پاڻي جي ھيٺ آيل آهي جنهن سبب برسات جو پاڻي جمع ٿيڻ سبب قبرن کي نقصان ٿي رهيو آهي ھتان جي سانجھ وندن ڊي سي ٽنڊوالھيار کان گھر ڪئي آهي ته برساتن سبب ظاهر ٿي پيل انساني ڊانچن ۽ عضون کي ٻيهر دفن ڪرڻ سميت برسات جي پاڻي ھيٺ آيل قبرستانن مان پاڻي ڪڍرائي قبرن کي بچايو وڃي.