ڪيٽي بندر ( ن پ ا) تعلقي ڪيٽي بندر جي يوسي ٻيٽ مھيار پنجاھ کان مٿي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، جيڪي ڳوٺ پاڻي هيٺ آيل آهن. ھنن ۾ ڳوٺ حاجي عمر اوٺو، لڌو خاصخيلي، پنھون پاتڻي، بچل پاتڻي، قاسم اوترادي، ناٿو ڳنڀير سميت پنجاھ کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ چار کان پنج فوٽ برساتي پاڻي بيٺل آهي. بدبودار ء گندي پاڻي جي ڪري ڳوٺاڻا گيسٽرو، ڊائريا ۽ مليريا جي ۾ وٺجي ويا آهن. جڏھن ته صحت مرڪز ٻگھاڻ .بي ايڇ يو سڄڻ واري ۽ ٻين اسپتالن ۾ ايمرجنسي ھوندي دوائون نہ آھن. اسپتالن ۾ ايندڙ مريضن کي دوا نٿي ملي. پيراسٽامول گوري۽ پيناڊول گوري نٿي ملي. ھوڏانھن مذڪورہ متاثر ڳوٺن۾ ماڻھن کي پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي نہ آهي . ڳوٺاڻا گندو ۽ کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن . جڏهن ته مختلف ڳوٺن جا سم نالا برساتي پاڻي سان ڀرجي ويون آهن ۽ انڊو شاخ ۽ دارسي شاخ ۾ پڻ زمين جو کارو پاڻي بيٺل آهي، جنھن ڪري عوام کي پيئڻ جو پاڻي بہ ميسر نہ آهي، 25 ھزار آبادي واري ھن يونين ڪاؤنسل جا ماڻهو بي يارو مددگار بڻيل آهن . برسات پوڻ کان پوءِ ڪافي ڳوٺن جا ماڻهو ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي بيھڻ سبب پنھنجا ڪکاوان گهر ڇڏي روڊن ۽ بچاء بندن تي اچي پناھ ورتي آهي .پر ضلعي انتظاميه پاران ھنن کي تنبو نہ ڏيئي سگھي آهي ۽ نه وري ھنن جي کاڌ خوراڪ جو ڪو بندوبست ڪيو ويو آهي .