ميرپور ساڪرو(ن پ ا)ميرپور ساڪرو شھر مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ توڙي مڇرمار اسپري نه ڪرائڻ خلاف شھرين ۽ پ پ ورڪرن ٽائون ايڊمنسٽريٽر خلاف سوشل ھائوس ميڊيا سينٽر ميرپور ساڪرو آڏو احتجاج ڪيو. اڳواڻن فقير سڪندر علي مقبول سميجو عزيز خاصخيلي ممتاز عارفاڻي ۽ ٻين چيو ٓهي ته تيز برساتن جي ڪري شھر جي ڪيترن ئي محلن ۾ پاڻي بيٺل آهي جنهن ۾ ميربحر محلا منڻگھار محلا خاصخيلي محلا ملاح محلا سميجا محلا ۽ ٻيا پاڻي ھيٺ آهن ھنن چيو ته پاڻي بيھڻ ڪري ماڻهوَ ويچارا مليريا ۽ ڊينگھي وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ھنن چيو ته ايڊمنسٽريٽر کي بار بار شڪايتون ڪيون آهن پر ھو ڪا به ڳالهه ٻدڻ لا تيار ناهي. فوري طور تي ايڊمنسٽريٽر ۽ ٽائون آفيسر کي ھٽائي شھر مان پاڻي نيڪال ڪرائي مڇرمار اسپري ڪرائي وڃي.s